پرديپڪي راڳڻي

پرديپڪي (راڳڻي): ڪافي راڳ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن جي آروهي ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن ۽ امروهي سمپورن اٿس. مندر ۽ مڌ اسٿان جي سرن تي پٽ منڃريءَ کان پوءِڳائبي آهي. هن جي ڪجهه ڪجهه شڪل ڀيم پلاسيءَ سان ملي ٿي، پر ڀيم ۾ مڌم وادي آهي ته هن ۾ کرج وادي آهي. هن راڳڻيءَ جي آروهي ۾ رکب ورج ته نه آهي، پر دربل ضرور آهي. هن ۾ ٻئي گنڌارون استعمال ٿين ٿيون.
هن جي تان: گا- ري ري- سا- نا- ڌي- پا- سا- نا سا – گا- ري سا سا- گي- ما ما – پا- ما پا – نا نا – سَا – رَي- نا ڌي پا- ڌي ما پا – گا- ري- نِا سا آهي. هن جي آروهي: نا سا گي ما- پا نا سا ۽ امروهي: سا نا ڌي پا ما- گاري سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: کرج ۽ سموادي سُر: پنچم آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت ٽپهري آهي. راڳ ساگر ۾ هن راڳڻيءَکي کاڍو ڪري لکيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو